شاهه مسڪين جو مقبرو

شاهه مسڪين جو مقبرو (ماڳ): هيءُ ماڳ غله بازار ٺٽي ۾ واقع آهي. مسڪين شاهه ديندار مرزا باقيءَ جو تمام پيارو ماڻهو هو، پورچوگيزن جڏهن ٺٽي کي ڦريو ۽ باهيون ڏنيون ته مسڪين شاهه مارجي ويو. سندس مزار 1228هه/1813ع ۾ قلات جي هڪ بزرگ ٺهرائي، جنهن جي اڄ ڏينهن تائين مرمت ٿيندي پئي اچي. درگاهه جي ڏاڪڻ ۽ دروازو بازار مان آهي، بزرگ جي مزار هڪ ڪاٺ جي خوبصورت ڇٽيءَ هيٺ عمارت اندر آهي، سندس خاص مريد سيد خاڪي شاهه جي مزار به سندس پاسي ۾ آهي، هتي هر سال ميلو پڻ لڳندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو